SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مُهاڙ يا اڏ واري رياست


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


مُهاڙ يا اڏ واري رياست

Frontline StateFLS

فرنٽ لائين اسٽيٽ

ڪا به رياست جڏهن ڪنهن بُحراني صورتحال ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي ، يا جنگ ۽ تڪرار ۾ مُهڙئين مورچي طور ڪم ڪندي آهي ، ته ان کي هن اصطلاح سان سڏيو ويندو آهي . اهڙي رياست تڪرار ۾ ٿيندڙ وڌ ۾ وڌ نقصان جو نشانو بڻبي آهي . جيئن آمريڪا طرفان دنيا (خاص طور افغانستان ) ۾ دهشتگرديءَ خلاف شروع ڪيل جنگ ۾ پاڪستان مُهاڙ واري رياست جو ڪردار ادا ڪندي پاڻ کي آمريڪي امداد جي آسري ۾ ٻُوهي ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ طالباني دهشتگرد ڪاررواين جو سنئون سڌو نشانو آهي . بين الاقوامي لاڳاپن ۾ هي اصطلاح ڏکڻ آفريقا جي سرحدن سان ملندڙ ملڪن انگولا ، بوٽسوانا ، لِسوٿو ، موزمبيق ، تنزانيا ، زيمبيا ۽ زمبابوي جي حوالي سان به استعمال ڪيو ويندو آهي . اهي مُلڪ ڏکڻ آفريقا ۾ چالو نسلي متڀيد واري دور ۾ ڏکڻ آفريقي حڪومت جي مداخلت ۽ اڳرائي پسند رويي جو شڪار رهيا . انهن آفريقي ملڪن گڏجي علائقي ۾ نسلي متڀيد جي خاتمي ۽ جمهوري قدرن جي واڌاري لاءِ هڪٻئي سان سهڪار جو پڪو پهه ڪيو . ان سهڪار کي اڳتي هلي وسيع ڪندي علائقائي تنظيم SADCC جوڙي وئي


Remember Me Also:

هيريو ڪرڻ

هيرِيو ڪَرَڻُ (ک)

هيرائڻ، ڌارڻ، پالڻ. هٿ هيرو ڪرڻ. وارِي وجهڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal